Sindhica Funny Jokes



 
ٻه موالي ريل ۾ سفر ڪري رهيا هئا ته هڪ موالي ٻئي کي چيو ته يار هي وڻ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. ٻئي موالي جواب ڏنو ته شام جو وقت آهي هر ڪو پنهنجي گهر وڃي رهيو آهي ـ
هڪ مُلان بس ۾ ويٺو هو. هڪ عورت سامهون ويٺي هُئي، ۽ پُٽ کي بار بار چئي رهي هُئي جلدي جلدي حلوه کاءِ نه ته چاچي مُلان کي ڏئي ڇڏيندس۔ چوٿهون دفعو جڏهن هن پُٽ کي چيو ته مُلان کيس ڪاوڙ ۾ چيو، مائي جلدي جلدي فيصلو ڪر تنهنجي حلوي جي چڪر ۾ مان ٽي اسٽاپ اڳيان نڪري آيو آهيان


پيءُ پٽ کي او ابا وار ننڍا ڪرائي ڇڏ، وار اسان جو رت پيئن ٿا. پٽ پيءَ کي بابا پوءِ اوهان جا وار اڇا آهن ڇا اهي کير پيئن ٿا

استاد شاگرد کي، جيڪڏهن تو مون کي فِيس نه ڏني ته مان توکي امتحان ۾ ويهڻ نه ڏيندس، شاگرد : سائين مان امتحان بيهي ڏيندس 

هڪ همراھ حلوائي جي دڪان تي ويو ته اتي کاڄا رکيل هئا. دوڪاندار اردو ڳلهائيندڙ هو، هن دڪاندار کان پڇيو ته هي ڇا آهي، هن جواب ڏنس ته  ”کاڄا“ . همراھ دوڪاندار جا اهي لفظ  ٻڌي کائڻ شروع ڪيو، دوڪاندار : هي تون ڇا پيو ڪرين، همراھ تو ئي چيو هو ته کاڄا! انهيءَ ڪري مون کائڻ شروع ڪيو

هڪ همراھ رات جو تيار ٿي رهيو هو ته زال پڇيس ته رات جو ڇو تيار ٿي رهيو آهين، همراھ جواب ڏنو ته متان خواب ۾ ڪئي دعوت تي وڃڻو پوي

جنگ جي زماني ۾ هڪ سپاهي پنهنجي محبوبه کي خط لکيو جنهن جا آخري لفظ هي هئا ته مان اڃان به پيار ڀريون ڳالهيون لکان ها پر  پوسٽ آفيس وارا خط کولي پڙهن ٿا، ٽن ڏينهن کانپوءِ پوسٽ آفيس کان سپاهي کي خط مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته اهو اسان تي الزام آهي اسان خط کولي نٿا پڙهون

هڪ فقير همراھ کي چيو يار آءُ انڌو آهيان، مون کي الله جي نالي ڏھ رپيا ڏي، همراھ چيو ته تنهنجي هڪ اک ته سهي آهي، تنهن تي فقير چيو ته پوءِ کڻي تون پنج رپيا ڏي

هڪ شخص آفيس مان گهر دير سان پهتو، ته زال چيس گهڻي دير ڇو ڪيئي؟ مڙس چيو ته آفيس ۾ ڪم وڌي ويو آهي، زال چيو ته آفيس ۾ ڇوڪرين جي موجودگي ۾ مون کي وساري ته نه ڇڏيندو آهين؟ مڙس چيو بلڪل نه تون ته هر وقت منهنجي ذهن تي سوار هوندي آهين ته ڪئي آفيس ۾ نه اچي پهچين

استاد شاگرد کي تنهنجي گهر پري آهي يا سج؟ شاگرد جواب ڏنو سائين منهنجو گهر، استاد چيو اهو وري ڪيئن؟ شاگرد چيو هتان سج نظر اچي ٿو پر منهنجو  گهرنظر نٿو اچي

ڊاڪٽر: مون جيڪا دوا ڏني ان سان تنهنجي بيماري ختم ٿي يا نه؟ مريض : بيماري ته ختم ٿي ويئي، پر ساھ اٽڪي اٽڪي ايندو آهي، ڊاڪٽر : فڪر نه ڪر اهو به ختم ٿي ويندو

استاد شاگردن کي اوهان مان جنت ڪير ويندو؟ سڀني شاگردن چيو سائين اسين وينداسين هڪ شاگرد چيو سائين آئون نه ويندس ڇاڪاڻ ته منهنجي ماءُ چيو هو ته سڌو گهر اچجاءِ

هڪ غائب دماغ همراھ آفيس ۾ ويٺو هو ته ٻئي همراھ چيس ته تنهنجي زال ڪلفٽن تي ڪنهن غير مرد سان گهمي رهي آهي، همراھ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ڏنڊو کڻي گهر جي در تي ويهي رهيو، اڌ رات کان پوءِ ياد آيس ته منهنجي ته شادي ئي ناهي ٿي

مريض: سائين مون کي جلدي ڪا دوا ڏيو پيٽ ۾ ڏاڍو سور آهي، ڊاڪٽر : صبح ڇا کاڌوهو؟ مريض جناب بيضا، ڊاڪٽر : ٻن پهرين جو؟ مريض : ڪڪڙ، ڊاڪٽر: پوءِ ائين سمجھ ته صبح واري بيضي تي ڪڪڙ ويٺي آهي، ان ڪري پيٽ ۾ گڙ ٻڙ آهي

استاد شاگرد کي گهڻي گرمي ڪٿي ٿيندي آهي؟
شاگرد: سائين چيلھ ۾

استاد شاگرد کي ٻڌايو ته سڀ کان خطرناڪ ڪهڙي شئي آهي، شاگرد جواب ڏنو سائين ٻي ته خبر ناهي پر منهنجي نظر ۾ توهان جو ساڄو هٿ

هڪ اڻپڙهيل همراھ پڙهيل نوجوان کان پڇيو ته تعليم ڪيتري اٿئي؟ پڙهيل نوجوان چيو بي اي تنهن تي اڻ پڙهيل همراھ چيو ٻه اکر پڙهيو آهين سي به ابتا

استاد شاگرد کي چيو تون ايترو گندو ڇو آهين؟ جڏهن توکي خبر آهي ته گندگي صحت جي دشمن آهي، شاگرد وراڻيو سائين توهان ئي چيو هو ته دشمن سان به پيار ڪرڻ گهرجي

هڪ همراھ گهڙي خريد ڪئي، گهر پهتو ته گهڙي بيهي ويئي، گهڙي کولي ڏٺائين ته اندر هڪ مک مئي پئي هئي،حيرت مان ڏسي چوڻ لڳو اڙي يار گهڙي جو ڊرائيور مري ويو

هڪ همراھ گڏھ کي وهنجاري رهيو هو ته ٻي پڇيو ته گڏھ کي ڇو ٿو وهنجارين، هن وراڻيو ته منهنجي گڏھ جي سالگراھ آهي،ٻي ماڻهو چيو ته ان خوشي ۾ ڇا کارائيندي؟ همراھ چيو جيڪو گڏھ کائيندو اهو تون کائجاءِ

ٻه دوست پاڻ ۾ اٽڪي پيا هڪ چيو اهڙي مڪ هڻندو سانءِ جو تنهنجا 34 ڏند ٻاهر نڪري ايندا، ڀر سان بيٺل هڪ ڇوڪري چيو : ادا انسان کي 34 نه پر 32 ڏند ٿيندا آهن، پهرئين ڇوڪري چيو مون کي خبر هئي ته تون وچ ۾ ضرور ڳلهائيندي تنهنڪري مون ٻه ڏند تنهنجا به ملائي ڇڏيا هئا

ووٽ ٿيڻ وارا هئا، هڪ اميدوار ڪنهن گهر ويو ته ڇوڪري کان پڇيائين تنهنجو پيءُ پيپلز پارٽي ۾ آهي يا مسلم ليگ ۾، ڇوڪري معصوميت سان جواب ڏنو ته نه منهنجو پيءُ باٿ روم ۾ آهي

هڪ ماڻهوءَ جي گهر کي باھ لڳي، پر هو خاموش ويٺو رهيو، ٻئي ماڻهو کانئس پڇيو، ادا توهان جي گهر کي باھ لڳي وئي آهي، پر توهان ماٺ ڪيو ويٺا آهيو، گهر جي مالڪ وراڻيو، آءُ ماٺ ڪري ڪونه ويٺو آهيان، پر آءُ الله کان مينهن جي دعا پيو گهران

شيراز تون ڪالھ اسڪول ڇو ڪو نه آئين؟ شيراز جواب ڏنو سائين ڪالھ امان ۽ بابا جو جهيڙو ٿي پيو هو. ماستر چيو ته تنهنجو ان ۾ ڪهڙو ڪم. شيراز جواب ڏنو سائين مان انهن کي هر هر بوٽ کڻي پئي ڏنا

گراهڪ دڪاندار کي مون کي کنڊ وٺڻي آهي توهان وٽ کنڊ آهي؟ دڪاندار چيو ها سائين کنڊ کوڙ، اهي سڀ ٻوريون کنڊ جون آهن. گراهڪ چيو سائين پر انهن جي مٿان ته لوڻ لکيل آهي. دڪاندار چيو سائين اهو ته مون ڪولين ۽ ماڪوڙين کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ لکيو آهي

هڪ همراھ ٻئي همراھ کان پڇيو ته دنيا مان پاڻي کُٽي پوي ته ڇا ٿيندو. همراھ جواب ڏنو ته نج کير ملندو

استاد شاگرد کي چيو هن شعر جي تشريح ڪر: (خودي کي ڪر بلند ايترو جو هر تقدير کان پهرين خدا بندي کان خود پڇي ته ٻڌا تنهنجي رضا ڇا آهي ) ـ شاگرد : سائين ان جو مطلب هي آهي ته (  خود ايترو بلند ٿي جبل تي چڙهي ويهي رھ جو جڏهن توکي سيءُ لڳي ته خدا توکان خود پڇي ته ٻڌاءِ تنهنجي رضائي (سوَڙ) ڪٿي آهي) ـ

نجومي ڇوڪر جو هٿ ڏسي چيو پٽ هن دفعي تون ضرور امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويندين. ڇوڪر جواب ڏنو ته پر مان اسڪول ۾ پڙهان ئي ڪونه ٿو

بادشاھ مسخري کي چيو توکي موت جو حڪم ٻڌايو وڃي ٿو. البته توکي ايتري رعايت ڏني وڃي ٿي ته موت جو طريقو تون خد تجويز ڪر. مسخرو ٿوري دير تائين سوچي : جناب مان ته پوڙهو ٿي مرڻ گهران ٿو

هڪ ڊاڪٽر دعوت ۾ شريڪ هو. ماني کائڻ بعد چڪر لڳائڻ جي بهاني قبرستان طرف هليو ويو. هڪ مهمان دريافت ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب ڪيڏانهن ويو آهي؟ ٻئي صاحب جواب ڏنو ته پنهنجن پراڻن مريضن سان  ملڻ ويو آهي

هڪ شخص هوٽل ۾ ماني کائي چمچو صاف ڪرڻ لڳو. هوٽل جو بيرو ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ  لڳو چمچو ڇو صاف ڪري رهيا آهيو ته همراھ جواب ڏنو صاف نه ڪندس ته کيسو خراب ٿيندو

استاد شگرد کي برف کي جملي ۾ استعمال ڪر، شاگرد جواب ڏنو  پاڻي ٿڌو ٿيندو آهي. استاد چيو انهيءَ جملي ۾ برف ڪٿي آهي. شاگرد چيو سائين اها ڳري چڪي آهي

هڪ شخص کي قتل جي الزام ۾ ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو ويو وقت جي بادشاھ ان کي آخري ملاقات لاءِ گهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. ملاقات بعد جڏهن هو گهر جي دروازي کان ٻاهر آيو ته ان جي زال حسب عادت پٺيان چيو ته واپسيءَ  تي منهنجي لاءِ ڪاٽن جو سرمئي رنگ جو وڳو وٺندو اچجان

زال پنهنجي مڙس کي ته منهنجو ڀاءُ هڪ بدمزاج ڇوڪريءَ سان شادي ڪري رهيو آهي، توهان ئي ان کي منح ڪريو؟ مڙس چيو ته مان ڇو منح ڪريان ڇا هن مون کي ان وقت منح ڪئي هئي جڏهن مان تو سان شادي ڪري رهيو هئس

هڪ ماڻهوءَ پنهنجي نوڪر کي چيو ته وڃي هڪ خالي ٽانگو ڪاهي اچ نوڪر هليو ويو ۽ هڪ ڪلاڪ بعد واپس آيو ۽ چيائين ته جناب  ٽانگا ته ڪافي مليا، پر خالي ٽانگو ڪوبه نظر نه آيو هر ٽانگي ۾ هڪ ماڻهو ويٺو هو

ماستر شاگرد کي ته ٻڌاءِ رستي جي ڪناري تي فٽ پاٿ ڇو هوندو آهي شاگرد جواب ڏنو سائين ان لاءِ جو گاڏيون گهرن ۾ نه گهڙي وڃن

استاد شاگرد کي ته ستاري ۽ سياري ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ شاگرد جواب ۾ چيو سائين ستاري جا نقطا مٿي هوندا آهن ۽ سياري جا هيٺ

هڪ بيوقوف ڪراچي گهمڻ ويو، اتي هن کي اُڃ لڳي هن پاڻي پيئڻ لاءِ نلڪو کوليو، ته پاڻي اچڻ شروع ٿي ويو. هن پاڻي پي ڍءُ ڪيو ۽ نل بند ڪرڻ بنا واپس روانو ٿيو، گهر پهتو ته گهر وارن پڇيس ته ڪراچي شهر ڏسي آئين . بيوقوف چيو ته ڏسي ته آيو آهيان، پر هن وقت تائين ڪراچي پاڻي ۾ ٻڏي چڪو هوندو

هڪ پروفيسر پنهنجي عينڪ گهر وساري آيو. بازار ۾ هڪ پوسٽر لڳل ڏسي پاســي ۾ بيٺل ماڻهوءَ کان پڇيائين جانب هن پوسٽر تي ڇا لکيل آهي پڙهي ته ٻڌاءِ انهيءَ ماڻهو چيو سائين آئون پڙهي نٿو سگهان بدقسمتيءَ سان مان به توهان جهڙو جاهل اڻ پڙهيل آهيان

والده پنهنجي پٽ کي، ڏس رشيد تو گند ۾ ڪري پنهنجو ڪوٽ سڄو خراب ڪري ڇڏيو آهي. رشيد جواب ۾ چيو پر امان مون کي ان جي لاهڻ جي مهلت ئي نه ملي

بيگم نوڪرياڻي کي ڏس تون روز روز ڪم چور ٿيندي پيئي وڃين، منهنجو خيال آهي ته مان هڪ ٻي عورت رکي ڇڏيان. نوڪرياڻي چيو خدا توهان کي خوش رکي. ڪم به ٻن عورتن جو آهي

هڪ شخص، حسينه کي ڏسي چيو”اوهو“ چنڊ ته رات ۾ نظر ايندو آهي، پر هي اڄ ڏينهن جو ڪيئن نڪري آيو آهي. حسينه جواب ۾ چيو ته چٻرو به ته رات جو ٻوليندو آهي ۽ هي اڄ ڪيئن ڏينهن جو ڳلهائي پيو

مريض صحت ياب ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر کان پڇيو هاڻي موکي ڇا کائڻ گهرجي، ڊاڪٽر جواب ۾ چيو سڀ ڪجھ کاءُ پر منهنجو دماغ نه کاءُ

ڊاڪٽر پنهنجي پراڻي مريض کي چيو” هاڻي تون تندرست نظر اچي رهيو آهين. توهان منهنجي هدايت جي مطابق آبهوا تبديل ڪئي هئي“ ؟ ـ مريض چيو جي ها. ڊاڪٽر چيو ڪٿي ويو هئين؟ مريض چيو سائين ٻئي ڊاڪٽر وٽ

ٻه شخص ڪمبل اوڍي ستا پيا هئا. هڪ چور لڪي آيو ۽ ڪمبل کڻي ڀڄي ويو. هڪڙي چيو اڙي پڪڙيو چور ڪمبل کڻي ويو ٻئي همراھ چيو اڙي چپ رهو. جڏهن وهاڻوکڻڻ ايندو، ان وقت پڪڙينداسونس

هڪ عورت بيمار هئي ۽ هر هر چئي رهي ياالله هاڻ مون کي پاڻ وٽ گهراءِ سندس پٽ معصوميت مان چيو امان ، پوءِ ٽانگو وٺي اچان

هڪ ريل گاڏيءَ جي گاڏي ۾ ڌاڙيل آيا، هڪ مسافر کي چيائون جيڪي اٿئي سو کيسي مان ٻاهر ڪڍ، مسافرڌاڙيلن کي چيو ته آهستي ڳلهايو مون وٽ ٽڪيٽ به ڪانهي، متان ٽيٽي نه ٻڌي وٺي

هڪ آفيسر آفيس  ۾ ڪجھ لکي رهيو هو ته مڇر چڪ هنيس، آفيسر هٿ کي کنهندي چيو ڏينهن جو به جان نه ٿا ڇڏين. پٽيوالي چيو سائين ” اوور ٽائيم “ تي آهن

هڪ همراھ پنهنجو ريڊيو مستري ڏي کڻي ويو ۽ چيائين ته يار آواز ته اچي ٿو پر اڄڪلھ فوٽو به اچن ٿا، سو اها مشين وجهي ڏي

هڪ همراھ پري کان منڊڪائيندو پئي آيو. ڊاڪٽر ۽ حڪيم هوٽل تي ويٺا هئا ڊاڪٽر چيو شايد ٽنگ جي هڏي ڀڳل اٿس ته اتي حڪيم چيو نه ڪُن رڳ جو سور اٿس ايتري ۾ اهو همراھ، هوٽل جي سامهون ٻاهر ويٺل موچي وٽ آيو ۽ چيائين ، چپل ڇڄي پئي آهي، سڄي  واٽ منڊڪائيندو آيو آهيان

هڪ ڇوڪرو ٻئي ڇوڪري کان پڇي رهيو هو ته تنهنجو گهر ڪٿي آهي جواب ۾ چيائين مسجد جي سامهون ، وري پڇيائين ته مسجد ڪٿي آهي.هن چيو اها منهنجي گهر جي سامهون آهي. وري ڪاوڙ ۾ چيائين ته ڀلا اهي آهن ڪٿي؟، هن چيو ته ٻئي، هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن

جج چور کي چيو ته توکي خبر ناهي ته چوري ڪرڻ حرام آهي. چور چيو سائين چوري ته حرام آهي پر جيڪا ٻڪري مون چوري ڪئي اٿم اها حلال آهي

هڪ پوڙهيءَ مائي کي، هڪ ڇوڪري اچي سائيڪل هنئي، ڇوڪري جلدي ۾ چيو آءِ ايم ساري، پوڙهي چيو مئا، ماءُ جيڏي کي سائيڪل هڻي وري چوين ٿو ته هاءِ منهنجي سوهڻي

ڇوڪرو پئي کي بابا اسان جي امتحان ۾ سڀ شاگرد پاس ٿي ويا، پرمس فيل ٿي پئي. پئيءُ پڇيو اهو وري ڪيئن پٽ؟  ڇوڪري چيو ته اها ساڳيو پهريون ڪلاس پڙهائي پئي

هڪ امير ماڻهو، جيئري ئي پنهنجي پڪي قبر ٺهرائي، قبر جڏهن ٺهي ويئي ته امير ماڻهو رازي کان پڇيو استاد باقي ڇا جي ضرورت آهي؟ ته رازي وراڻيو سائين توهان جي

استاد شاگرد  کي  مان توکي ٻه رپيا ڏيان ۽ احمد به توکي ٻه رپيا ڏيئي ته تو وٽ گهڻا رپيا ٿيندا، شاگرد چيو سائين ڪجھ به نه، استاد چيو ڇو ڀلا؟ شاگرد چيو سائين احمد منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، هو سڀ پئسا ڦري ويندو

استاد ڪلاس ۾ شاگرد کي سبق پڙهائي رهيو هو هڪڙي شاگرد کي سبق کچو هو، استاد مانيٽر کي چيو ته هن جي وڏي ڀاءُ کي پنجين ڪلاس مان وٺي اچ، مانيٽر ڇوڪري کي وٺي آيو، استاد ان ڇوڪر کي ڪاوڙ ۾ چيو ته هي تنهنجو ڀاءٌ آهي شاگرد جواب ۾ چيو نه سائين هي منهنجي پيءُ جو پٽ آهي

هڪ ڇوڪر مٿو ڪوڙايو، سڀ ٻار مذاق ۾ ٺوڙھ تي ڌڪ هڻڻ لڳس، هي ڪاوڙجي وڃي وڻ هيٺان ويٺو، وڻ تي ڪانءُ ويٺو هو، تنهن جو وٺ لاٿي ته اچي سندس ٽڪڻ تي لڳي ته هن ٽڪڻ تي هٿ گهمائي مٿي وڻ تي ڪانءُ کي ويٺل ڏٺو ۽ چيائين تون به ٻين جي چوڻ تي مون سان مذاق ڪري رهيو آهين

استاد هڪ شاگرد کي مار ڏني، جڏهن ٻيا شاگرد ان کي ڏسڻ لڳا ته هو مسڪرائي رهيو هو. استاد چيس شرم جهڙي ڳالھ آهي جو پشيمان ٿيڻ بدران مسڪرائي رهيو آهين. شاگرد چيو سائين توهين 
ته چوندا آهيو ته تڪليف اچڻ وقت به مسڪرائجي

هڪ ڊاڪٽر وٽ مريض آيو، ڊاڪٽر کي چيو مان اک ڏسي بيماري سڃاڻي ويندو آهيان، ۽ تنهنجي کاٻي اڳ مان لڳي پيو ته  توکي مليريا ٿي آهي تنهن تي مريض چيو ڊاڪٽر سائين ، اها تن منهنجي پٿر جي نقلي اک آي

هڪ ڇوڪر پنهنجي دوست کي چيو يار منهنجي پيءُ وٽ سڄي دنيا جا خط ايندا آهن، پر پڙهندو ئي نه آهي دوست پڇيس ڇا اڻپڙهيل آهي. ان چيو نه يار، منهنجو پيءُ ٽپالي آهي

هڪ همراھ ڪڏهن به راڻي باغ ڪونه ڏٺو هو. هڪ دوست ان کي راڻي باغ گهمائڻ وٺي آيو. جڏهن، هن زيبرا کي ڏٺو ته چيائين شهري ماڻهو ڏاڍا هوشيار آهن گڏھ کي به رنگ ڏيئي بيهاريو اٿن

هڪ ڏينهن، ملان نصير الدين گوشت وٺي وڃي رهيوهو، واٽ تي هڪ ڪانءُ گوشت کڻي ويس. ملان رڙ ڪري چوڻ لڳو، ڀلي کڻي وڃ پر، رڌيندين ڇا ۾، اهو سامان ته مون وٽ آهي

هڪ ماڻهو ٻئي کي صلاح ڪندي چيو ته ادا اوهان ته مڇي کائو ئي ڪونه ٿا، ٻئي همراھ چيو مڇي ۾ ڪنڊا آهن انهيءَ ڪري ڪونه کائيندو آهيان. پهرئين همراھ چيو بوٽ پائي پو کائيندو ڪر

هڪ ماڻهو کي پنهنجو گڏه وڪڻڻو هو،هن پنهنجي هڪ دوست کي خط لکيو ته اگر اوهان کي گڏه جي ضرورت هجي ته مونکي ضرور ياد ڪندا

هڪ بيري گراهڪ کي چيو ته اڄ اهڙي چانھ پيار جو تن من جهومي اٿي، بيري چيو سائين اسان وٽ مينهن جو کير ايندو آهي انجمن جو نه

هڪ ٿلهو همراه، ڪنهن ڪانگڙي پهلوان جي مٿان ڪري پيو ۽ ٻي ڏينهن هڪ دوست رستي ۾ ملي ويس، ٿلهي همراه ان کي چيو ته يار ڪالھ مان هتي هڪ همراه جي مٿان ڪري پيو هوس. دوست وراڻيس ها ادا، مان به ان جي ئي جنازي ۾ وڃي رهيو آهيان

زال: اڄ اوهان جلدي آفيس مان اچي ويا. مڙس: اچانڪ منهنجي صاحب کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ مونکي چيائين ته جهنم جي تري ۾ وڃي پئو انڪري سڌو گهر هليو آيس

No comments:

Post a Comment