Sindhica Poetry

مـون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي، جا واٽ آ ٺاهي
ان واٽ تــان گـذرين تـه مون کي ياد ڪر
جـوکي ۾ وڌم جـيءَ، ڪـيـم جنگ امن لاءِ
انياءِ سان اٽڪيـن ته مون کي ياد ڪندو ڪـر
ـــ عبدالحڪيم ارشد
.......................................................
هـن دنــيـا ۾ اي سـنـڌو ديــش
هـيا نادان هزاري مان نه رڳـو
ـ شيخ اياز
.......................................................
جنگ جنگ جنگ آ، ۽ منهنجي تو سان جنگ آ
پـليت پـير ڪـر پري، هـي ڌرتي منهنجو ننگ آ
جنگ جنگ جنگ آ
جڏهن به جنگ طبل وڳا، ته ڌاريا ڀونءِ ڇڏي ڀڳا
ڪيئن سوڍا سنڌوءَ پيٽ مان، ٿيا پار انهيءَ پيٽ مان
جڏهن به هٿ ٿا گهنڊ گڙن، مرڻ کان مانجهي نا مڙن
اچو اچو اچو اچو، ٿيو وقت ڏاڍو تنگ آ
جنگ جنگ جنگ آ
جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو، ته پهچي پٽلي ور ڪيو
۽ جوڙي سي جٿا جٿا، ٿي گهورئيون ڌر مٿان مٿان
نه هچڪيا نه هٻڪيا نه دم دلير دٻڪيا
اجائي تواچي هتي، اڙائي تن سان ٽنگ آ
جنگ جنگ جنگ آ
ـ ابراهيم منشي
.......................................................
موت مقدر سوڀ حياتي
جيل اسان جا جيون ساٿي
 ڏنڊا ٻيڙيون ڦاسي گھاٽ
 پوءِ به اسان جا اونچا ڳاٽ
من جھورين ٿيون تنهنجون گوليون
 پوءِ به اسان جون ساڳيون ٻوليون
 تنهنجو ديش منهنجو ديش
 سنڌوديش سنڌوديش
.......................................................
پيار تون ايڏو نه ڪر ايترو پنهنجو نه ڪر
ڳالهه وڇڙڻ جي هُجي اهڙو ڪو چرچو نه ڪر

سونهن جي ساراه ڀلي ڪر
سونهن کي سجدو نه ڪر
درد اوتي ڇڏ اندر
درد کي سڏڪو نه ڪر
د نيا جلندي آ سڄي
پيار کي پڌرو نه ڪر
ٿورو ڀل ٿي ويجھڙو
روح تي قبضو نه ڪر

ـ رُخسانه پريت چُنڙ
.......................................................




رڪشا جـــي ٽــــن ڦيٿن جــھڙي منھنجي زنــــدگي
واڪـــــا ڪندڙ سائلينسر جھڙي منھنجي زنـــــدگي
ڪــــــو اشاري سان روڪي، ڪا رڙ چوي او رڪشا

تنھنجي قانون جا سڀ سگنل ٽوڙيندڙ

 منھنجي زندگي

ـ شهاب سومرو
.......................................................
پنهنجي پاڻ ٿي رولين
آخر ڪنهن کي ٿي ڳولين
سوچون ئي سوال بڻيون
ايڏو ڇو ٿي ڀوڳين
پاڻ وساري ڇو ڇڏيئي
هر پل هن لئه ٿي سوچين
نيڻ نه ائين پو آلا ٿين
ياد جي تون ڪين اچين
تون ته مونکان آهين ڏور
ڪيئن منهنجا لڙڪ اگهين
درد سارون هن ساڳيون
سوچ تون ڪيئن ٿي ملين
اوچتو ڪنهن سوال ڪيو
هوائن کان ڇا ٿي پڇين
هن جي ياد ۾ او شاعره
راتيون جاڳي ٿي لکين
ـــ فضه غزل

.......................................................

1 comment:

  1. مـون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي، جا واٽ آ ٺاهي
    ان واٽ تــان گـذرين تـه مون کي ياد ڪر
    جـوکي ۾ وڌم جـيءَ، ڪـيـم جنگ امن لاءِ
    انياءِ سان اٽڪيـن ته مون کي ياد ڪندو ڪـر

    this is poetry of Rashid Morai and not by Abdul Hakeem Arshad... kindly correct... ..
    thanks

    ReplyDelete